قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري شھر ۾ احتجاجي مظاھرو

0
317

ڏوڪري رپورٽ : قاضي فريد : ڏوڪري ٺٽو شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل الله ڏنو پليجو ۽ ان جي گهر واري ضميره مسن جي قاتلن جي گرفتاري لاء سھيل احمد هليو جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽو شهر ۾ قتل ڪيل الله ڏنو پليجو ۽ گهر واري ضميره مسن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري شهر ۾ سهيل احمد هليو جي اڳواڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب ڏوڪري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سھيل ھليو، سڄڻ نوناري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله ڏنو جکرو ۽ ضميره مسن ٽي سال پهريان ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو ان کان بعد ٻئي ڌريون پاڻ ۾ راضي ٿي هڪ ٿي ويو هيو پر ڪجهه ڏينهن اڳ ضميره مسن جي وارث دعوت جي بهاني سان گهرائي ٻنهي کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

اسان چيف آف پاڪستان آرمي ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته مقتولن جي قاتلن علي دوست مسن، قبول مسن، احمد علي جکرو کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي مقتولن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here