ن ليگ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي

0
83

 پاڪستان مسلم ليگ نواز پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي .
ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ نمبر پورا نه هئڻ سبب بي اعتمادي رٿ واپس ورتي وئي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي.
اپوزيشن اتحاد پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ اڳ ئي واپس وٺي ڇڪو آهي.
ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نوَ جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here