ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪلون ٺاهيندڙ پرڏيهي ڪمپني مان پورهيتن کي جبري نيڪالي ڏيڻ تي ڪمپني انتظاميا خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مظاهرو

0
167

ڪوٽڙي (رپورٽر : محمد اظھر رند ) ڪوٽڙي جي صنعتي علائقي ۾ موٽر سائڪلون ٺاهيندڙ پرڏيهي ڪمپني مان پورهيتن کي جبري نيڪالي ڏيڻ تي ڪمپني انتظاميا خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مظاهرو ڪيو ويو. مزدورن کي بي دخل ڪرڻ ۽ انهن جون رهتون ادا نه ڪرڻ تي ڪمپني انتظاميا خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ۽ مزدورن ڄامشورو ضلعي هيڊ ڪوارٽر پهچي جوڊيشل ڪامپليڪس چوڪ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن امجد مستوئي، علي نواز رند، منظور لاشاري، علي عباس قمبراڻي، عرفان کوکر ۽ ٻين احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي زولي فيڪٽري جي انتظاميا گريجوئٽي ۽ ٻيون رعايتون گهرڻ تي نوٽيس ڏيڻ کان بغير مزدورن کي جبري طور بي دخل ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هڪ طرف لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگار آهيون ته ٻئي طرف وري فيڪٽرين مان به پورهيتن جا در بند ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته رهيل پگهارون نه ملڻ ڪري برطرف پورهيتن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مزدورن دشمن فيڪٽري انتظاميا مسئلا حل نه ڪيا ته فيڪٽري جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here