انصاف ڪيو وڃي ڏوڪري ۾ ڳوٺ فقير محمد جوڻيجو جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

0
147

ڏوڪري: اسان سان انصاف ڪيو وڃي ڏوڪري ۾ ڳوٺ فقير محمد جوڻيجو جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ فقير محمد جوڻيجو جي رهواسين غلام سرور جوڻيجو، غلام مصطفي جوڻيجو، حبدار جوڻيجو، غلام صديق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينهن اڳ 8 سالن جي ناري سلمہ خاصخيلي مٿان تيزاب هاري ساڙڻ جو ڪوڙو ڪيس ڳوٺ فقير محمد جوڻيجو جي رهواسي خان محمد جوڻيجو مٿان باڊھ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو۔

هنن چيو ته ناري سلمہ خاصخيلي سان مٿان تيزاب هاري ناري سان ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته خان محمد جوڻيجو بي گناھ آهي ۽ ناري مٿان تيزاب ناهي اڇلايو سندس مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪئي وڃي ۽ خان محمد جوڻيجو مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري تيزاب هاريندڙ اصل جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here