قمبر ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جي گهر

0
190

قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر جي ڳوٺ الھرکيو جوڻيجا رھواسي نوجوان جاويد شيخ پٽ امداد علي شيخ پنهنجي زال افرہ ڌي محمد ارشد سان گڏ شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسين مھينو اڳ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تي ڇوڪري جا مائٽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ۽ موتمار دھمڪيون ڏئي حراسان ڪري رھيا آھن ۽ اسان کي انهن مان جان جو خطرو آهي جيڪڏهن اسان کي ڪو جاني نقصان پهتو تہ ان جا ذميوار ڇوڪري جا مائٽ ھوندا، اسان پاڻ عاقل ۽ بالغ آھيون ۽ پنھنجو برو ڀلو سمجھون ٿا ۽ وات وڪيل آھيون ۽ اسان سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پنهنجي رضا خوشيءَ سان نڪاح ڪيو مگر مائٽ ڪاوڙ ۾ اچي اسان تي بلاجواز ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي حراسان ڪري پريشان ڪري رھيا آھن اسان ٻئي ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا ھئاسين اتي اسان کي ھڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي ۽ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي، اسين آء جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر کي اپيل ٿا ڪريون تہ اسان کي تحفظ فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here