سڪرنڊ بائي پاس ڀرسان اڻڃاتل ماڻھو صحت کاتي کي مليل سرڪاري دوائون اڇلي ويا

0
206
sakrand

سڪرنڊ(رپورٽ مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ بائي پاس ڀرسان اڻڃاتل ماڻھو روڊ کان ھيٺ صحت کاتي کي مليل سرڪاري دوائون اڇلي ويا آھن، دوائون مدي خارج به نه آهن وڏي تعداد مختلف بيمارين جا ٽيبليٽس ، سيرپ ، طاقت ۽ اينٽي بائيوٽڪ سيرپ روڊ روڊ ڀرسان پيل دوائن ۾ فيملي پلاننگ ، دست الٽي ، اينٽي بائيوٽڪ سميت ٻيون دوائون اڇلايون ويون آهن۔

تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن جي کوٽ خلاف ڪافي دفعا احتجاج پڻ ٿي چڪا آهن جڏهن ته اسپتال انتظاميه پاران ٻڌايو ويو ته اسان کي مٿان کان دوائن جو اسٽاڪ گهٽ ملي ٿو، پر سون جي تعداد سيرپ ۽ ٽيبليٽ اڇلايا ويا آهن جيڪي اڃا استعمال لائق آهن، تعلقا اسپتال جي اي ايم ايس نصير ميمڻ رابطي تي ٻڌايو ته اسان وٽ دوائن جي کوٽ آھي ۽ خبر ناھي ته دوائون ڪھڙي اسپتال جون آھن ان بابت اسان ڊي ايڇ او کي آگاھ ڪيو آھي ۽ وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here