سڪرنڊ ۾ چپ ۽ تارون ڪٽيل ٻارڙن جو مفت آپريشن ڪرڻ لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي

0
246

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
سڪرنڊ تعلقه اسپتال ۾ سماجي تنظيم سٽي ڊولپمينٽ فائونڊيشن نوشهروفيروز طرفان ايم ايس ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ جي سهڪار سان چپ ۽ تارون ڪٽيل ٻارڙن جو مفت آپريشن ڪرڻ لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي، ڪئمپ جو افتتاح سماجي ورڪر امام بخش ڪيريو کان ڪرايو ويو، افتتاح وقت تعلقه اسپتال سڪرنڊ جو ايم ايس ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ ، اسپتال بهتري ڪميٽيءَ جو چيئرمين محمد صديق منگيو ۽ ٻيا موجود هئا۔

ان موقعي تي ڪئمپ جو انعقاد ڪندڙ ڊاڪٽر جمشيد ميمڻ چيو ته هن ڪئمپ ۾ جيترن به مريض ٻارڙن جي داخلا ٿيندي، انهن کي بغير خرچ جي نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو ويندو ، جتي المصطفٰى ويلفيئر ٽرسٽ پاران انهن جي آپريشن ، دوائن ، قيام ۽ کاڌ خوراڪ جو مفت انتظام ڪيو ويو آهي۔ جڏھن ته پاڪستان جو ناليوارو سرجن ڊاڪٽر اشرف گناترا مريض ٻارڙن جو آپريشن ڪندو۔

هن چيو ته قدرتي طور تي جن ٻارڙن جا چپ ۽ تارون ڪٽيل هوندا آهن اهي وڏا ٿي احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهي ماڻھن ۾ اٿڻ ويهڻ سان شرمندگي محسوس ڪندا آهن، هن چيو ته پرائيويٽ آپريشن ڪرائڻ تي تمام وڏو خرچ اچي ٿو جيڪو غريب ماڻھو برداشت نٿو ڪري سگهي، انڪري فلاحِ انسانيت جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن جي تعاون سان چپ ۽ تارون جو مفت آپريشن ڪري رهيا آهيون ، جنهن سان انهن جي چهري جون رونقون بحال ٿينديون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here