موهن جو دڙو ڀرسان درگاھ محبڻ شاھ جو ميلو، صوفياڻو راڳ، زبردست ملاکڙو

0
304

رپورٽ سمير سومرو

موهن جو دڙو ڀرسان درگاھ محبڻ شاھ جو ميلو ، صوفياڻو راڳ، زبردست ملاکڙو،  تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڪچي واري علائقي فتح پور ۾ درگاهه پير محبڻ شاھ جو ميلو جاري آهي  ميلي ۾ ماڻهن جي تفريح جو وڏي پئماني تي بندوبست ڪيو ويو آهي سرڪس، موت جو کوه، چڙيا گهر، چوڏيل ڦرڻيون ۽ مٺائي ۽ منيارڪي سامان جا 40 کان وڌيڪ دوڪان لڳايا ويا آهن جن تي ماڻھن جا ميلا متل رهن ٿا جڏهن ته ميلي جي موقعي تي صوفياڻو راڳ رنگ ٿيو مختلف فنڪارن صوفياڻو راڳ ٻڌائي ٻڌندڙن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔

جڏهن ته ميلي جي موقعي تي ملاکڙو به ٿيو سنڌ ۽ پنجاب جي ملهن جا 40 جوڙ ميدان تي لٿل آهن  پهلوان  مجيد اعواڻ ، مور اعواڻ، مسلم سولنگي،  ڪراڙو ابڙو، خان اعوان، اوشاق ماڇي، اوشاق چنو،  شهزادو چنو، خالد بيهڻ  ۽ ٻين ملهه پهلوانن ملاکڙي ۾ زبردست ملھ مقابلا ڏيکاريا ۽ شوقينن کان ڀرپور نموني داد حاصل ڪيو . ان موقعي تي ميلي جي آرگنائيزر فقير مختيار ٻگهيو پ پ اڳواڻ سردار علي ڏنو خان گاڏهي، محمد جمن ٻگهيو، عابد شاھ ۽ ٻين بهترين ملھ مقابلا ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهايا۔

هوڏانهن ميلي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس ايڇ او گاجي ديرو منظور سولنگي ۽ وڏو منشي عبدالجبار ٻگهيو جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن ۽ ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ميلي جي چونڪن چوراهن ۽ درگاهه جي ارد گرد وڏي تعداد ۾ پوليس جي جوانن جون ڊيوٽيون لڳايون وڃون آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here