فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي جلد رعايتي اگهن تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. صوبائي وزير خوراڪ

0
253

ڪراچي: خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال چيو آهي ته خوراڪ کاتي وٽ صوبي جي غذائي ضرورتن لاءِ ڪڻڪ جو مناسب ذخيرو موجود آهي. جلد ئي فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي رعايتي اگهه تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي ته جيئن گھريلو ۽ تجارتي صارفين کي اٽو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي۔ هن چيو ته خوراڪ کاتي جي روسٽر تي موجود فلور ملن ۽چڪين کي ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا جلد ئي فلور ملن ۽چڪين لاءِ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here