پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سموري سنڌ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، برھان چانڊيو

0
234

وارھ رپورٽ: قاضي مظفر

پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سموري سنڌ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان حصو نه پيو ڏئي ۽ رقمون جاري نٿو ڪري، سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون ڪندڙ ملڪ جا دشمن آھن۔ وارھ ۾ پ پ ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو مختلف برادرين سان تعزيتون ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان حصو نٿو ڏي ۽ رقمون به جاري نٿو ڪري تنھن باوجود سنڌ سرڪار ڪراچي ڊويزن سميت سموري سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون ڪندڙ ملڪ دشمن آھن پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت تي ايمان رکي ٿي۔

ھُن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پنھنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي ڪراچي تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ ھاڻ تحريڪ انصاف ڪراچي کي پئڪيج ڏيڻ بدران سنڌ جي ورھاڱي جو سوچي رھي آھي سنڌ جو عوام رڪ جي ديوار بڻجي سنڌ دشمن قوتن جو مقابلو ڪندو۔ ان موقعي تي ساڻس گڏ رياض الدين ابڙو عبدالغفار بروھي محمد علي چانڊيو ۽ ٻيا موجود ھيا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here