ڏوڪري: پاڪستان تحريڪ انصاف جو تعلقي صدر وي اين ايس سان ڳالهائيندي

0
227

ڏوڪري: قاضي فريد

پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي صدر منور علي جوڻيجو وي اين ايس سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف سوشل ڪم ڪري رهي ۽ شهر جي مسئلن تي احتجاج ڪري آواز اٿاريو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ 5 اهم سرڪاري ڪرسيون خالي هجڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري تعلقي جي مسئلن تي آواز اٿاريو آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي وارن جي آهي پر ان جي باوجود به ڏوڪري واسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي۔

هن چيو ته چيئرمين جي ڊي اي جو آهي ته ٽائون آفيسر پيپلزپارٽي جو آهي، جيڪڏهن ٽائون آفيسر نه هوندو ته چيئرمين ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي۔ هن چيو ته ڏوڪري ٽائون جي چئيرمين کي مخالف هجڻ سبب پيپلزپارٽي وارا پريشان ڪري رهيا آهن ۽ ٽائون آفيسر جون ٻار بار بدلي ڪرائي رهيا آهن۔ هن چيو ته ٽائون آفيسر نه هجڻ سبب ملازم احتجاج تي ويا ۽ شهر کي گندگي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي وارن جو هٿ آهي۔

هن چيو ته پيپلزپارٽي بلدياتي، وڏي ۽ چئمبر آف ڪامرس جون مسلسل اليڪشنون هارايون آهن ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي ڏوڪري ٽائون سميت تعلقي مان شڪست ملندي۔ سب رجسٽرار گذريل ٽن سالن کان ناهي جنهن سبب رجسٽريشن جو ڪم رڪيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته مختيار ڪار نه هجڻ سبب تعلقي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي۔ پيپلزپارٽي وارن ڏوڪري واسين کان ووٽ نه ڏيڻ تي انتقام وٺي رهيا آهن۔ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڏوڪري تعلقي ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪري رهي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here