ڳوٺ هريار ۾ نصيبان ڀيل سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ بااثر جوابدار خلاف ايف آئي آر نه ٿي سگهي

0
302

ٿرپارڪر: رپورٽ جنيد آزاد
چيلهار لڳ ڳوٺ هريار ۾ نصيبان ڀيل سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ بااثر جوابدار ڏجوسنگھ ٺڪر خلاف 24 ڪلارڪ گذرڻ باوجود ايف آ۽ آر نه ٿي سگهي، متاثر نياڻي 24 ڪلاڪ ٿاڻي تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل، ٻي پاسي بي آ۽ ايف مرڪزي صدر سورو ڀيل، وڪيل لجپت سوراڻي، گومون ڀيل ۽ ڏيوجي ڀيل چيو ته هتي ٿر ۾ اسان جي پورهيت برادري سان زيادتين جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي۔

اسان جي برادري جا گھر ڊاهڻ کان پو۽ اسان جي عزتن ۾ هٿ وڌا ويا آھن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، هريار ڳوٺ ۾ متاثر نياڻي نصيبان ڀيل سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار خلاف پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لا۽ تيار ناهي، پ پ پ سان لاڳاپيل ايم پي اي جوابدار جي پٺڀرائي ڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي اسان آ۽ جي سنڌ، ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيون ٿا ته فورن جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here