ڪنڌڪوٽ (غفارمنگی ) ڪنڌڪوٽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ضلعي ڪشمور پاران ٽريزري آفيس جي مين ڳيٽ اڳيان جائز مطالبن جي مڃتا لاء ڌرڻو ٽريزري علمي خلاف نعري بازي۔ خبرموجب پيراميڊيڪل اسٽاف ضلعي ڪشمور جي اڳواڻن چئيرمين پراميڊيڪل اسٽاف محمدنواز سميجو ضلعي صدر علي حسن قمبراڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري علي نواز چاچڙ يارعلي ڊومڪي صدرالدين بهلڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ٽريزري آفيس جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت هيلٿ ڊپارٽنمٽ جي اسٽاف کي رسڪ الائونس منظور ڪيو ويو هو جيڪو پوري سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف کي رسڪ الائونس ڏنو ويو آھي۔
جڏھن ته اسين ڪرونا وائرس جي فرنٽ لائن تي ڪم ڪري رهيا آھيون پر ضلعي ڪشمور جي ٽريزري اڪائوٽنٽ رشوت جي بازار گرم ڪندي ايجنٽن جي معرفت في ڪيس تي ٽي هزار روپيا گهري رهيو آھي نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوهانجو رسڪ الائونس پيرول تي نه چاڙهيو ويندو هنن چيو ته اهڙي ڪرپٽ راشي آفيسر کي هٽائي سندن جي تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي هنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته اگر رسڪ الائونس پيرول تي نه چاڙهيو ويو ته اڄ کان پوري ضلعي اندر او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو۔