مان دهشتگردي ۽ مهانگائي جو ذميوار نه آهيان، پشاور سانحي کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي: پي ٽي آءِ چيئرمين

0
80

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پشاور پوليس لائنز ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پشاور ۾ ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ سانحو ٿيو آهي پر افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ان کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
عمران خان عوام کي آن لائن خطاب ڪندي چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري دهشتگردي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي، هوريان هوريان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي هئي پر هڪ ڀيرو وري ڪارروائين ۾ تيزي آئي آهي.


سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به خيبرپختونخوا پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ جڏهن ٻه هزار تيرنهن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي هئي تيستائين ست سئو کان وڌيڪ صوبي جا پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ايڏو وڏو سانحو ٿيو پر ان کي سياسي بڻايو پيو وڃي.


تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته مان ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ مهانگائي جي ذميوار نه آهيان، اڄ منهنجي حڪومت ئي نه آهي مان ذميوار ڪيئن ٿي سگهان ٿو، خراب حالتن جي ذميواري منهنجي حڪومت کان پهريان ٽيهه سالن کان اقتدار ۾ رهڻ وارن تي آهي.
عمران خان چيو ته پشاور حملي تي افسوس ٿيو، جاچ کان اڳ گورنر اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو خط ڪيئن لکي ڇڏيو؟ افغانستان ۾ امن لاءِ طالبان سان ڳالهيو ڪرائڻ ۾ سهولتڪار ڪئي، آمريڪا جي نيڪالي تي افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو هو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پاڪستان به متاثر ٿئي ها.
عمران خان چيو ته جنرل باجوا سان ڪي به اختلاف نه هئا، اسان هڪ پيج تي هئاسين، اسان ٻنهي جي هڪ ٿيڻ سان ڪئي سٺا سٺا ڪم ٿيا، ملازمت جي مدي ۾ واڌ ملڻ کانپوءِ باجوا چيو ته احتساب تان پوئتي هٽي وڃ.
هن چيو ته باجوا مخالفن کي اين آر او ڏيڻ جو چيو ته مان انڪار ڪري ڇڏيو، اڳوڻي آرمي چيف سان ٻيو اختلاف جنرل فيض واري مسئلي تي ٿيو.
تحريڪ انصاف چيو ته افغان بدامني جي اثرن جو خدشو هو، انڪري فيض کي عهدي تي رکڻ چاهيو هو، 30 کان 40 هزار فائٽرز افغانستان ۾ هئا، فيصلو ٿيو ته فورسز ۽ اسيمبلي ميمبرز طئي ڪندا ته فائٽرز کي پاڪستان ۾ سيٽل ڪيئن ڪرڻو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته موجودا حڪمرانن پنهنجا 1100 ارب رپين جا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي ورتا، هنن ۾ ملڪ کي هلائڻ جي اهليت نه هئي ته کين منهنجي حڪومت ختم نه ڪرڻ گهرجي ها، پشاور حملي کي بنياد بڻائي هي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا.
آصف زرداري طرفان نوٽيس اماڻڻ واري معاملي تي عمران خان جو چوڻ هو ته عدالت آصف زرداري کان پڇندي ته ڪهڙي ساک هئي جيڪا خراب ٿي آهي، آصف زرداري قرآن تي حلف کڻڻو پوندو ته هن ڪيترن ماڻهن کي مارايو آهي.
هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته آصف زرداري منهنجي خلاف عدالت ضرور وڃي، هن منهنجي خلاف جيڪا سازش ڪئي موٽ ان جا جوڳا اطلاع آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here