وارھ شھر جا ھزارين رھواسي ھن سائنسي دور ۾ بہ مٺي پاڻي لاء پريشان

0
271

وارھ (مظفر قاضي) وارھ شھر جا ھزارين رھواسي ھن سائنسي دور ۾ بہ مٺي پاڻي لاء پريشان آھن ۽ موٽر سائيڪل وسيلي پاڻي ڀرڻ تي مجبور بڻيل آھن ھتي شھر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي واٽر سپلائي اسڪيمون پبلڪ ھيلٿ کاتي جي رڪارڊ ڪرپشن سبب تباه برباد ٿي ويون آھن جر جو پاڻي کارو ۽ جراثيمي ھجڻ ڪري شھري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن

پبلڪ ھيلٿ کاتي قمبر جي نااھل آفيسرن جي لاپرواھي سبب ھزارين شھري مجبوري جي حالت ۾ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن بار بار احتجاج ۽ درخواستون ڪرڻ جي باوجود شھرين جي دانھن ڪير بہ ٻڌڻ وارو ڪونھي انھي لاءِ سائينجن کي گذارش آھي تہ وارھ جي شھرين سان ٿيندڙ ظلم ، ناانصافي جو نوٽيس وٺي واسطيدار آفيسرن ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي ڪري وارھ جي شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ سموري انتظاميہ کي پابند بڻايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here