وارھ : مظفر قاضي
2 مهينا اڳ ڏوهارين سان مزاحمت ڪندي قتل ٿي ويل پوليس اهلڪار عبدالرحمٰن ڀٽي جا قاتل 2 مهينا گذري وڃڻ باوجود گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول پوليس اهلڪار جي وارثن سڪندر ڀٽي ، سلطان ڀٽي . محمد علي ڀٽي ، ابراهيم ڀٽي ۽ ٻين پاران شھر جي مک فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ ، شھرين نياز حيدري ، جئڪال ڪلهوڙو، سني ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڀٽي برادري جي ماڻھن جو چوڻ هيو ته 2 مهينا اڳ گهر مان ڌاڙو لڳڻ دوران مزاحمت تي پوليس اهلڪار عبدالرحمٰن ڀٽي کي قتل ڪيو ويو جنهن جا قاتل هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا پوليس ٺلها آسرا ڏئي رهي آھي هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قاتل گرفتار ڪيا وڃن۔