ڏوڪري: ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، ساريون ڪجھ ڳوھ ۾ وڪرو ڪرڻ، وڻن جي غيرقانوني واڍي خلاف سارنيگا جي ملازمن جو احتجاج، تفصيل موجب ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جو راسي ڊائريڪٽر ھٽايو، سينٽر بچايو، رائيس ريسرچ سينٽر جي ملازمن تنظيم سارنگيا يونٽ ڏوڪري پاران آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، سارنگيا تنظيم جي اڳواڻن شبير جتوئي، سرفراز جتوئي، ارشاد جوڻيجو، سيد مدد شاہ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري جو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ھڪ راشي آفيسر آهي جنهن اچڻ شرط اداري کي مال غنيمت سمجهي ڪرپشن ڪرڻ لڳو آهي۔
ھنن چيو ته ڊائريڪٽر چونڊي رکيل سوين مڻ نج ٻج وڪڻي ڇڏيو، اداري مان چوري ٿيل سامان واپس نٿو ڪرايو وڃي، ھن اچڻ شرط اداري اندر توڙي زرعي زمين ۾ ٻيٺل ڪيترائي وڻ وڪڻي ڇڏيا آھن، هنن چيو ته اداري جون 2700 کان وڌيڪ من ساريون وڪرو ڪري ڪيون آهن، هنن چيو ته اسٽيٽ آفيسر سان ملي ڀڳت ڪري اداري ۾ لکين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اداري مان لکين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي هنن چيو ته سيڪريٽري زراعت، صوبائي وزير زراعت، ڊائريڪٽر جنرل نوٽيس وٺي معامري جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔