سنڌ جي وڏي وزير نئين سال جو ڀليڪار وڻڪاري جي شروعات سان ڪيو

0
165
cm sindh

ڪراچي (پهرين جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين سال 2021 جو ڀليڪار کجيءَ جو وڻ پوکيندي ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ کي سرسبز ۽ سائو بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ وڻڪاري ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير جمعي جي صبح سندس ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ وزيراعليٰ هائوس جي اڱڻ ۾ هڪ وڻ پوکيو ۽ ان اميد سان هن کي پاڻي ڏنائين ته نئين سال جي اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ ترقي ۾ پڻ اضافو ٿيندو۔

ان اميد ظاهر ڪئي ته نئين سال جو پهريون ڏينهن جمعو آهي جيڪو پاڪ ڏينهن آهي ۽ انشاء الله هي نئون سال وبا جي خاتمي، ترقي، روزگار ۽ خوشحالي لاءِ بهترين سال ثابت ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير ٻيلن واري وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته ايندڙ وڻڪاري مهم ۾ وڌيڪ وڻ پوکڻ لاءِ هڪ جامع پروگرام جوڙيو وڃي. هن چيو ته اسان کي شهر ۾ گلن جا وڻ، نِم جا وڻ ۽ ميويدار وڻ لڳائڻا آهن ته جيئن وڻن جي خوبصورتي سان گڏوگڏ شهر جو ماحول پڻ بهتر ٿي سگهي، ان موقعي تي صوبائي ميمبر امتياز شيخ، شبير بجاراڻي، شهلا رضا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here