وڳڻ رپورٽ: حسن علي مغيري
لاڙڪاڻو اي ٽي سي ڪورٽ وڳڻ ٿاڻي جي وڏي منشي کي ٻن سال جي سزا ٻڌائي ڇڏي ھٿ ڪڙيون ھڻائي جيل حوالي ڪيو ويو، وڳڻ ٿاڻي جو وڏو منشي الله رکيو ھليو کي لاڙڪاڻي جي اي ٽي سي ڪورٽ ٻن سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته 2016 ۾ وارھ سول ڪورٽ اندران جوابدار عاشق جلباڻي کي گرفتار ڪندي وڳڻ ٿاڻي جي وڏي منشي فقير الله رکيو ھليو ۽ صدر ٿاڻو قمبر پوليس اھلڪار ممتاز گوپانگ ۽ ڪورٽ جي سيڪيورٽي وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن تان وارھ سول ڪورٽ جي جج جي فرياد تي وارھ ٿاڻي تي وڏي منشي ۽ پوليس اھلڪار خلاف ڪيس داخل ٿيو۔ جنهن کانپوء ضمانت تي ٻاھر ھيا اڄ اي ٽي سي ڪورٽ جي جج احمد لقمان ميمڻ جي عدالت ٻنهي جا ضمانت رد ڪندي 2 × 2 سال سزا ٻڌائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي۔