ڏوڪري ۾ ڊاڪٽر خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

0
142

ڏوڪري:
ڏوڪري ۾ ڊاڪٽر خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج. ڳوٺ کيڙا جي رهواسي لکمير چانڊيو پنهنجي گهرواري مسمات نصرت خاتون چانڊيو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ چيو ته چار مهينا اڳ جوابدار ياسين کيڙو، شعبان کيڙو، سراج کيڙو، مختيار کيڙو هٿياربندن ساڻ ڪري اسان مٿان حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو. هنن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ رپورٽ ڏيڻ لاءِ 50 هزار گهريا اسان پنهنجي منيهن وڪرو ڪرڻ بعد 50 هزار روپيا ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ کي ڏنا پر جوابدار ڌر بااثر هجڻ سبب ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ کي ڳري رشوت ڏني ۽ ان کي اسان کي 50 هزار واپس ڪري ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته جوابدار ڌر حملي ۾ زخمي به اسان جا ماڻهو ٿيا ۽ ليٽر به ڊاڪٽر اسان جي خلاف ڏئي اسان سان ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته حملي ۾ مسمات نصرت چانڊيو کي 6 مهينن جو حمل هيو پيٽ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب خون جاري ٿي ويو جيڪو ڪيترائي مهينا هليو. هنن چيو ته ننڍڙي ڄمڻ دوران فوت ٿيل هئي جنهن جو ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ پوسٽ مارٽم ڪيو جنهن جي هن وقت تائين رپورٽ ناهي ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن ۽ ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here