رپورٽ: قاضي نياز حسين
قمبر – ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر اسسٽنٽ ڪمشنر منور علي سومرو طرفان ميونسپل ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن ۾ چيڪ ورهايا ويا.
تفصيل موجب قمبر ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر اسسٽنٽ ڪمشنر منور علي سومرو ميونسپل ڪميٽي جي ٽائرڊ ملازمن ۾ 2300000 لک جا چيڪ ورهايا جن ۾ علي حسن سانگاه رٽائر سينيئر ڪلارڪ، معشوق علي ڀٽو، علي انور سولنگي، غلام حيدر هڪڙو، احمد حسين جويو، مسمات رقيت خاتون ۽ ٻين کي چيڪ ڏنا ويا.