نينگريءَ سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪندڙ 3 مک جوابدار گرفتار

0
186

ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد

ڏوڪريءَ ۾ مبينا طور نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ 3 مک جوابدارن کي ٻن مهينن بعد گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ٻه مهينا اڳ باقراڻي ٿاڻي تي ڳوٺ يار محمد کوکر جي رهواسڻ 11 ورهين جي نينگري ڪونج سان جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔

اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي ۽ معاملي کي مقامي سطح تي راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون۔

واقعي جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ڊي ايس پي خليل مسڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميٽي ٺاهي هئي. ٻن مهينن بعد باقراڻي پوليس ڊي ايس پي خليل مسڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪارروائي دوران ڪيس ۾ گهربل 3 مک جوابدار جاني کوکر، جميل کوکر ۽ سهيل کوکر کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here