قمبر ۾ زيادتي جو نشانو بڻجندڙ ياسمين سان انصاف نه ٿي سگهيو

0
156

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر: ڪجھ ڏينھن پهريان 3 جوابدارن هٿان زيادتي جو نشانو بڻجندڙ 20 سالن جي ياسمين سان انصاف نه ٿي سگهيو، ياسمين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ضلعي انتظاميا توڙي حڪومت سنڌ ۽ پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي سوشل ورڪر ۽ وڪيل برادري طرفان شهيد بينظير ڀٽو پريس ڀٽو ڪلب اڳيان احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طارق سومرو، علي محمد کوسو، وڪيل سلمان ڀٽو، طاهرا نوناري، صدام چانڊيو سميت ٻين چيو ته قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ يتيم نياڻي جنهن جو والد ۽ امڙ فوت ٿي ويا آهن۔

هڪ يتيم سنڌ ڄائي 20 سالن جي ياسمين سان ڳوٺ جي بااثرن جي اولاد سندس هٿيارن جي زور تي ٽوشن تان موٽندڙ سنڌ جي نياڻي ياسمين کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن جي ايف آء آر داخل هجڻ جي باوجود پوليس ڪک کڻي ٻيڻو نه ڪري سگهي آهي مسلسل پوليس صرف ٺلها آسرا ڏيڻ کان سواءِ انهن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪوئي به رستو اختيار نه ڪري سگهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اگر اهڙا واقعا معمول بڻجندا ۽ حڪومت سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا توڙي پوليس انتظامیہ اڃي خاموشي اختيار ڪري ويٺي رهي ته ڪير پنهنجو نياڻيون تعليم ڏيارڻ لاءِ موڪليندو هنن وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here