ڏوڪري جي شھيد بينظير آباد ڪالوني واسي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل

0
182

ڏوڪري
ڏوڪري جي شھيد بينظير آباد ڪالوني واسي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھن، يوسي وڪڙو جي انتظاميا جي نااهلي ۽ مبينا ڪرپشن سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪيتريون ئي جڳھون ڏار کائي ويون، جڏھن ته ڪالوني واسي گيس، بجلي، روڊ رستن سميت آب و نيڪاسي جي نظام کان محروم بڻيل آهن. ان موقعي تي شھيد بينظير آباد ڪالوني واسين عالم گوپانگ، غلام رسول بروھي، شھمور گاڏھي، اڪبر ڪلھوڙو، بخشل منگي ۽ وارث ٻرڙو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته يوسي وڪڙو جي چيئرمين سميت اعلي اختيارين کي شڪايتن باوجود ڪالوني ۾ گيس، بجلي، روڊ رستن سميت ڊرينيج سسٽم نه ملي سگهيو آهي، جنھن سبب سخت پريشان آھيون. ھنن وڏي وزير، وزير بلديات ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شھيد بينظير آباد ڪالوني۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڇانيل بيچيني دور ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here