قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ساوڻي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي، مواصلاتي نظام درهم برهم

0
126

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ساوڻي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي،مواصلاتي نظام درهم برهم شهر توڙي ٻهراڙي 20 ڪلاڪن کان وٺي بجلي غائب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، برسات وسڻ سبب ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوکيل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي جنهن سبب زميدار ۽ هارين کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي تہ ٻئي طرف لوڪل گورنمينٽ جي نااھلي سبب ضلعي جي اڪثر شهرن ۾ ٻن کان ٽي فوٽ پاڻي بيهي ويو، گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهي وڃڻ سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن۔

هر هڪ روڊ توڙي گھٽين ۾ پاڻي بيهي ويو، ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهن پر ميونسپل عملو ڪٿي بہ نظر نہ ٿو اچي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان افسوس جو اظهار ڪندي ميونسپل ڪميٽي جي ذميوارن خلاف سخت قدم کڻڻ سان گڏ ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here