ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ سامٽيا ۾ سڱاوتي معاملي تان مڙس جي بڇ تي سهري، ڏير ۽ سس پاران عورت تي تشدد، اسپتال داخل

0
208

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ سامٽيا ۾ سڱاوتي معاملي تان مڙس جي بڇ تي سهري، ڏير ۽ سس پاران عورت تي تشدد، اسپتال داخل، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاج ڏوڪري ڀرسان سهيڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سامٽيا ۾ سڱاوتي معاملي تان مڙس شفيق احمد ڪانڌڙو جي بڇ تي سهري غلام سرور ڪانڌڙو، ڏير توفيق ڪانڌڙو ۽ سس روبينہ ڪانڌڙو پاران 25 سالہ مسمات مومل خاتون ڪانڌڙو مٿان لوهي روات لٺين هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو۔

هوڏانهن زخمي عورت کي ڏوڪري اسپتال داخل ڪيو ويو. هوڏانهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ڀاءُ علي رضا ۽ محمد خان ڪانڌڙو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته غلام سرور ڪانڌڙو پنهنجي پٽ توفيق ۽ زال روبينہ سان ملي اسان جي نياڻي مٿان لوهي روات ۽ لٺين سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو. هنن چيو ته اسان واقعي جو ڪيس سهيڙ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير جوبدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او سهيڙ ممتاز سيال سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here