قومپرست تنظيم جي سابق اڳواڻ نثار احمد انصاري پنهنجي ساٿين سميت قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
291

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر قومپرست تنظيم جي سابق اڳواڻ نثار احمد انصاري پنهنجي ساٿين سميت قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا کڻي نثار انصاري پنهنجي ساٿين شڪيل قريشي، عبدالرشید رند، علي رضا چانڊيو، عبدالوحید انصاري، اياز سولنگي، ذوالفقار جوڻيجو ۽ صابر چانڊيو سميت پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي قومپرست سياست کان لاتعلقي ڪندي قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو۔

ان موقعي تي هنن وي اين ايس نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ کانپوءِ اسان جو جسمم يا جسقم سميت ڪنهن به قومپرست تنظيمن سان ڪو به واسطو ناهي ڇو جو قومپرست تنظيمون غير ملڪي ايجنڊا تي هلي ڪري ملڪ ۾ انتشار ڦھلائڻ ۾ مصروف عمل آهن، هنن وڌيڪ چيو ته جسمم جي سموري قيادت ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هتان جي ماڻهن کي ورغلائي ڪري ملڪ خلاف استعمال پيا ڪن انهن جي ان رويي سبب هو قومپرست سياست کان بيزاري جو اعلان ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here