ڊرگھ ٿاڻي جي حد ۾ واٽر ڪورس مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

0
246

قمبر(رپورٽ قاضي نياز حسين) ڊرگھ ٿاڻي جي حد ۾ منڌو واري موري لڳ واٽر ڪورس مان 30 سالا ڳوٺاڻي محمد زمان بليدي جو لاش هٿ، مقتول ڳوٺ محمد عرس بليدي جو رهواسين هو سندس وارثن ٻڌايو ته ڪالھ کان وٺي نوجوان لاپتہ هو، ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڊرگھ ٿاڻي طرف ويل هو واپسي نه ٿيڻ ڪري سندن ڳولا ڪئي سون ته سندس لاش ڳوٺ ڀرسان هڪ زمين جي واٽر ڪورس مان مليو آهي۔

هنن وڌيڪ چيو ته سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ کڻائي سول اسپتال قمبر آندو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهرام مچي ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here