وقت اچي ويو آھي تہ اسين پنجاب بچايو تحريڪ شروع ڪيون۔ احسن اقبال

0
222

لاھور: مسلم ليگ نواز جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف اسان جي پنجاب ۾ ڪرايل ڊولپمينٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي۔لاھور ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ھن چيو تھ پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو پنجاب جنھن تباھي ۽ مشڪل صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي ايترو ڪو ٻيو صوبو نھ ڏئي رھيو آھي.
ھن چيو تھ پنجاب کان ڪنھن ڳالھ جو بدلو ورتو پيو وڃي، ھاڻي وقت اچي ويو آھي تھ اسان کي پنجاب بچايو تحريڪ شروع ڪرڻ گھرجي ۽ جنھن پنجاب کي شھباز شريف جي قيادت ۾ بھترين ڪم ڪرايا ان کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
ھن اھو بھ چيو تھ پنجاب جو سڄو انفراسٽرڪچر تباھ ٿي ويو آھي ، جنھن جي ذميوار پي ٽي آءِ آھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here