وفاقي حڪومت جي روين سبب وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت

0
358

ڪراچي: صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ ڏنل سمورن انگن اکرن جو پاڻ ۾ ڪوبه ربط ناهي ۽ کين يقين آهي ته هن بجيٽ ۾ هاڻوڪي نااهل ۽ نالائق حڪومت جي گذريل سالن جي بجيٽ وانگر فقط عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ برابر هوندو۔ هنن چيو ته وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمني جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ رکيل اسڪيمن کي هڪ ڪمپني جي ذريعي مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ايئن ناهي. آدم شماري ۾ سنڌ سان ٿيل زيادتين تي اسين ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهنداسين۔ وفاق ۾ وزارتن جا مزا ماڻيندڙ نفيس ماڻهن ۽ سنڌ جي دعويدارن آدم شماري تي سودو ڪري ڇڏيو آهي۔

هاڻوڪي وفاقي حڪومت جي روين سبب وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن، سيد خورشيد شاهه جي فرزند سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فرخ شاه جي خلاف نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي سخت مذمت ڪريون ٿا . هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيب جي پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ ۾ پاڻ بيان ڏنو آهي ته انهن خورشيد شاهه خلاف سموري جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ جلد ئي ريفرنس فائل ڪيو ويندو. ان بيان کانپوءِ ان ڪيس ۾ فرخ شاهه جي گرفتاري پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر سان هاڻوڪي نااهل ۽ نالائق حڪومت جي دشمني کي واضح ڪري ٿي . 15 جون تي سنڌ جي قوم پرست جماعتن ۽ ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم پاران احتجاج جو سڏ ڏيڻ ، ايم ڪيو ايم جو پنهنجي اڳوڻي قائد جي سنڌي مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سياست ڪرڻ جي پاليسي جو تسلسل آهي ۽ خدشو آهي ته ايم ڪيوايم پنهنجي سياسي ساک کي بچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ سنڌي مهاجر جهيڙو ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي۔

انهن خيالن جو اظهار صوبائي وزيرن ڇنڇر تي سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي بجيٽ جا انگ اکر بجيٽ کي اليڪشن مهم جو حصو ثابت ڪري رهيا آهن ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته هن سال چونڊون ٿي وڃن. هن چيو ته بجيٽ انگن اکرن جو پاڻ ۾ ڪو ربط نظر نه ٿو اچي. ناصر حسين شاهه چيو ته هن بجيٽ کان پوءِ کين پورو يقين آهي ته نه فقط مني بجيٽ ايندو پر هڪ کان ٻن مهينن ۾ آئي ايم ايف بجيٽ به اهي حڪمران پيش ڪندا. صوبائي وزير چيو ته هن بجيٽ ۾ عام عوام کي ڪنهن به قسم جو ڪو ريليف ناهي ڏنو ويو ۽ مهانگائي جي تناسب سان ملازمن جي پگهارن ۾ فقط ڏهه سيڪڙو واڌ انهن جي معيشت ۾ ريڪوري ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ وارين ڳالهين جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته اسان تي سنڌ ڪارڊ جا الزام لڳائڻ وارا اصل ۾ سنڌ جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن۔

اين ايف سي ايوارڊ هجي يا پاڻي جو مسئلو، گئس جي فراهمي هجي يا بجلي جي بدترين لوڊشيدنگ، انهن معاملن ۾ سنڌ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ ڪٽوتي ۽ جيڪي منصوبا ڏنا ويا آهن انهن کي هڪ ڪمپني جي ذريعي ڪرائي سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو پيو وڃي اهو سڀني جي اڳيان ظاهر آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آدم شماري تي به وفاق يو ٽرن ورتو ۽ وعدي مطابق 5 سيڪڙو سنڌ ۾ آدمشماري کي چيڪ ڪرڻ بدران ان مسئلي تي به سنڌ خلاف فيصلو ڪيو آهي. ان موقعي تي تعليم ۽ پورهئي کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته موجودا نالائق ۽ نا اهل حڪومت سنڌ دشمني ۾ ، جتي بجيٽ ۾ سنڌ خلاف زيادتين جو سلسلو جاري رکيو آهي ان سان گڏ نيب نيازي ڳٺ جوڙ تحت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن خلاف ڪارروائين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي۔

هن چيو ته ٻن سالن کان قيد سيد خورشيد شاهه خلاف نيب اڄ تائين ريفرنس داخل نه ڪري سگهي ۽ 4 جون تي سپريم ڪورٽ ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر پاڻ چيو آهي ته ان معاملي تي سندس جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ جلد ريفرنس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ان ئي ڪيس ۾ سندس فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد فرخ شاهه کي نيب اهو چئي گرفتار ڪيو آهي ته کين هن کان جاچ ڪرڻي آهي. سعيد غني چيو ته هڪ پاسي انڪوائري مڪمل ڪرڻ جوسپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ساڳئي ئي ڪيس ۾ انڪوائري جي نالي تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي گرفتار ڪيو ويو آهي . اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته هن وقت ملڪ ۾ نيب نيازي حڪومت جو ماتحت ادارو بڻجي ويو آهي. ۽ حڪومت جي چوڻ تي پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن خلاف ڪوڙا ڪيس بڻائي رهيو آهي۔

سعيد غني وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪرپشن جون باقائدي جيڪي رپورٽون موجود آهن، جن ۾ پي ٽي آئي جي وزيرن سميت وزير اعظم پاڻ ملوث آهي ان تي نيب خاموش آهي . هن چيو ته نيب حڪومت جي چرچ تي پي ٽي آئي وارن کي اين آر آو ، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته آدم شماري جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم جيڪا پاڻ کي ڪراچي سميت سنڌ جي دعويدار چورائي ٿي ، ان هن صوبي جي عوام سان غداري ڪئي آهي ۽ وزارتن لاءِ عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي جو آدم شماري تي پهرين ڏينهن کان موقف واضح آهي . ته اها سنڌ سان زيادتي آهي. اڄ به اسان پارليمنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي ان معاملي کي پارليمنٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي تي مالڪي جا دعوا ڪرڻ وارا پنهنجي يونين ڪائونسلن ۾ وڃي ڪم ڪرائين ٿا پر صوبي جي حقن جي مخالفت ڪري رهيا آهن۔

هن چيو ته سنڌ جا دعيويدار وفاقي وزير جيڪب آباد جو سومرو ۽ بدين سان واسطو رکندڙ هڪ عورت وزير لوڊ شيڊنگ ۽ گئس جي کوٽ بابت هڪ ڀيرو به اسيمبلي جي فلور يا ڪابينا ۾ آواز ناهي اٿاريو. هن چيو ته سنڌ جي ووٽن تي چونڊجي وفاق ۾ وزارتن مزا ماڻڻ وارا صوبي ۾ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي خاموش آهن . ان موقعي تي مختلف سوالن جي جواب ڏيندي صوبائي وزيرن چيو ته موجودا وفاقي حڪومت جي روين سبب وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن هنن چيو ته پاڪستان جي عوام جي کيسن تي گذريل ٽن سالن دوران هڪ هزار ارب رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي.۽ هن سال جي بجيٽ ۾ فقط پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ڇهه سو ارب روپين جي ڌاڙي جو پروگرام رٿيو آهي . هنن چيو ته هن بجيٽ جو پوسٽ مارٽم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي ويندو . هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته آئندا جو ڪوبه فيصلو ماضي جي ٽريڪ رڪارڊ کي ڏسي ڪري لڳايو ويندو آهي ۽ انهن نالائق حڪمرانن جو ماضي جو ٽن سالن جو ريڪارڊ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته انهن جيڪي به دعوائون ۽ انگ اکر انهن هن بجيٽ ۾ رکيا آهن اهي فقط دعوا ئون ئي آهن۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته بحريا ٽائون ۾ جيڪو ٿيو غلط ٿيو. ڪجهه تنظيمن بحريا ٽائون جي حوالي سان احتجاج جو اعلان ڪيو ۽ اسين احتجاج کي آئيني حق تصور ڪريون ٿا. ۽ اسان احتجاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه رنڊڪ نه وڌي پر هڪ سازش تحت ان احتجاج ۾ شرپسندن باهه لڳائڻ لاءِ ڪيميڪل سان ليس هئا. انهن نه فقط اتي باهه لڳائي پر لٽ مار پڻ ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا. ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي . ان ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف دهشگردي واري قانون هيٺ ڪارروائي ٿيندي جيڪي بيگناهه آهن انهن کي آزادي ملندي. هنن چيو ته 15 جون تي هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سنڌ جي ڪجهه جماعتن جي احتجاج جي اعلان جي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ۽ اهو ساڳيو طريقو آهي جيڪو ماضي ۾ انهن جي قائد پنهنجي سياست لاءِ لسانيت کي هٿي ڏني ۽ مهاجر سنڌي، مهاجر پختون ۽ ٻين قومن کي مهاجرن سان ويڙهايو ۽ سياست ڪئي۔

هنن چيو ته بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ ايم ڪيو ايم وارن اتي وڃي جيڪو تعصب پکيڙيو ۽ هاڻي 15 جون تي احتجاج ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر هن شهر ۽ صوبي کي لساني جهيڙن جي ور چاڙهڻ جي سازش ڪري رهيا آهن هنن چيو ته هو سنڌ جي غيور سنڌين ، مهاجرن ، دانشورن ۽ سنڌ صوبي سان محبت ڪرڻ وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته هو ايم ڪيو ايم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏين. ٻي صورت ۾ جيڪو امن ڪراچي ۾ قائم ٿيو آهي ، هي ٻيهر ان کي خراب ڪري ڇڏيندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here