پي پي اڳواڻ ۽ ايم پي اي مير نادر علي مگسي جي وارھہ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ

0
168
nadir magsi warah

وارھہ(مظفر قاضي)

پي پي اڳواڻ ۽ ايم پي اي مير نادر علي مگسي وارھہ پهچي مختلف برادرين وڪيل اعجاز ڪلهوڙو ، مير شبير احمد بروهي ، خادم حسين تونيو ، علي اڪبر قريشي ۽ ٻين سان عذر خواهيون ڪيون ۽ ضياء سرور ڀٽو ، امداد تونيو محمد صفر سوڍر ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد پي پي آفيس پهتو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق پي پي کي فنڊز نه پيو ڏئي جنهن ڪري ترقياتي ڪم نه پيا ٿين وارھہ ۾ گيس جي کوٽ ۽ بجلي جي اڻهوند واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو پوري ملڪ ۾ آھي وڌيڪ ڪوشش ڪئي ويندي هن چيو ته سندس ڀاء ايم اين اي عامر مگسي کي پي پي حڪومت پاران 50 ڪروڙ جون اسڪيمون ملڻ جو آسرو مليو آھي جنهن لاء هو وارھہ تعلقي جي پي پي قيادت سان مشوري بعد اسڪيمن جي لسٽ ٺاهي پارٽي قيادت کي ڏيندا ان موقعي تي ساڻس محمد پنهل سومرو پي پي تعلقي صدر رياض الدين ابڙو ، عبدالغفار بروهي ، رانجهن تونيو شڪور ڇٽو ۽ ٻيا گڏ هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here