صائمہ جروار جا قاتل آزاد ٿيڻ واري عمل خلاف جروار برادريءَ جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو

0
173

صائمہ جروار جا قاتل آزاد ٿيڻ واري عمل خلاف جروار برادريءَ جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ڳوٺ بابل جروار جي رهواسي جروار برادريءَ جي ماڻهن پنهنجي ڳوٺ کان ڏوڪريءَ تائين احتجاج ڪيو، ڏوڪري پريس ڪلب وٽ صحافين آڏو ڳالھائيندي محمد رفيق جروار، غلام اصغر جروار، ذاڪر علي جروار، محمد جاني جروار ۽ عمران جروار چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي صائمہ جروار سان ڏاڍائي ڪري کيس قتل ڪيو ويو ۽ ان باوجود به سندس قاتل کي عدالت طرفان سزا ڏيڻ بجاءِ آزاد ڪيو ويو آهي۔ هنن چيو ته جيڪڏهن صائمہ جروار جي قاتلن کي سزا نه آئي ته قاتلن جا حوصلا وڌندا ۽ اهڙا واقعا سڄي سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان پيش ايندا. هنن مطالبو ڪيو ته صائمہ جروار جي ڪيس ۾ ٻيهر برجستي جاچ ڪري صائمہ جروار جي قالن کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here