سنڌ حڪومت پاران جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ کي هلائڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وفاق کي درخواست

0
240
Flag of Sindh

ڪراچي : سنڌ حڪومت صوبائي سيٽ اپ تحت ٽن وڏن اسپتالن، اين آءِ سي وي ڊي، جي ايم پي سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جا انتظامي ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن صوبي جي عوام کي صحت جون سهولتون بغير ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکي سگهجن۔ اهو فيصلو سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو۔

اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، قانون وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور رضوي، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي ايم پي ايم ڊاڪٽر سميع جمالي، ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ پروفيسر سيد جمال، اين آءِ سي وي ڊي پروفيسر امين خواجه شرڪت ڪئي۔

سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت بورڊ آف گورنرز تحت انهن ٽنهيءَ اسپتالن کي هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي خلاف هوندو. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت انهن ٽنهي اسپتالن کي ملڪ جي بهترين سهولتن منجهان هڪ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي۔

هن چيو ته اسان نه رڳو انهن جي بجيٽ وڌائي پر نوان منصوبا پڻ شروع ڪيا آهن جهڙوڪ جي پي ايم سي ۾ سائبر نائيف، اين آءِ سي وي ڊي سيٽلائيٽ سينٽرن جو قائم ڪرڻ ۽ اين آءِ سي ايڇ کي اپ گريڊ ڪرڻ شامل آهي ۽ ڄاڻايل مرحلي تي انهن اسپتالن جي انتظامي ڪنٽرولن جي منتقلي صوبائي حڪومت کان وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ سان سندن خدمتون تمام گهڻيون متاثر ٿينديون۔

سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هوءَ وفاقي حڪومت کي خط لکي ۽ صورتحال سان کيس آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته آئون انهن ٽنهي اسپتالن کي هلائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ جي وفاق کي درخواست ڪندس ۽ گڏوگڏ وزيراعظم کي هڪ خط پڻ لکندس۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here