اسٽاف رپورٽ
ڪراچي : مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽينز ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مری چيو آهي ته هوءَ وفاقي حڪومت پاران صوبي سنڌ جي اسپتالن تي قبضن جي شديد مذمت ڪري ٿي، ھن چيو ته وفاقي حڪومت ڪڏهن سنڌ صوبي جي جزيرن تي زوري قبضو ڪري ٿو ته وري ڪڏهن صوبي جي اسپتالن کي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هاڻي وفاق جو اهو تماشو نه ھلندو۔
ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اين آءِ سي وي ڊي ، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جهڙن ادارن کي بھترين طريقي سان هلائي رهي آهي، اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي ملڪ کان ٻاھر ماڻهو بهتر علاج جي سھولتن لاءِ ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪن ٿا جتي کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ـ ھن چيو ته انهن اسپتالن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جو مفت ۽ معياري علاج ڪيو وڃي ٿو۔
شازيه مري وڌيڪ چيو ته نااھل حڪومت پاران سرڪاري اسپتالن جي نجڪاري ڪري عوام کان مفت علاج جي سھولت کسي پئي وڃي ـ هن چيو ته وفاقي سرڪار پهريان هر شي کي مهانگو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي عوام لاء علاج به وڌيڪ مهانگو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري ملڪ جو هر شعبو متاثر ٿي رهيو آهي ۽ عدالتي فيصلي کان اڳ سنڌ صوبي جي اسپتالن کي غير آئيني آرڊيننس ذريعي قبضي ھيٺ آندو پيو وڃي، شازيه مري حڪومت کان سوال ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال اسلام آباد جو ڪهڙو حل ڪڍيو آهي ۽ اٺن سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪيتريون معياري اسپتالون قائم ڪيون آهن؟