اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس لبني سليم پرويز جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي.
عدالتي اختيارين جسٽس لبنيٰ سليم پرويز ۾ ڪورونا وائرس جي تصدقي ڪندي هن جي ايندڙ هفتي جي ڪاز ڪينسل ڪري ڇڏي. جسٽس لبنيٰ سليم پرويز پاڻ کي گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي. سندس سيڪريٽري جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ گذريل هفتي مثبت آئي هئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي سيڪريٽريز ۽ چيف جسٽس اطهر من الله جو ريڊر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهي. اسسٽنٽ رجسٽرار سول برانچ حاجي شاهد به ڪورونا جو شڪار آهي ۽ عدالت عاليه جي آفيسرن سميت 15 ملازم به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهن.