مون کي ۽ پٽ کي هراسان ڪيو ويو: فائز عيسيٰ جي گهرواري بيان ڏيندي روئي ڏنو

0
184

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سپريم ڪورٽ ۾ ويڊيو لنڪ تي بيان قلمبند ڪرائيندي روئي ويٺي.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري کي ويڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏني.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري جي گهر تي ويڊيو لنڪ انتظام ڪرائي رهيا آهيون، ٻي پهري مهل بيان وٺنداسين، هوءَ اسان لاءِ احترام رکي ٿي ۽ اسان جي سامهون ڌر ناهي، اسان جي درخواست آهي ته بيان ڏيندي وقت عدالتي ڊيڪورم جو خيال رکندي مختصر ڳالهه ڪئي وڃي ۽ مناسب لفظن جو استعمال ڪيو وڃي.

حڪومتي وڪيل فروغ نسيم دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته بدنيتي تي فائنڊنگ ڏيڻ تي جڊيشل ڪائونسل سامهون ڪا شئي معنيٰ نٿي رکي، ڪائونسل بدنيتي سان گڏوگڏ نيڪ نيتي جو به جائزو وٺي سگهي ٿي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ڪنهن جاءِ تي بدنيتي ٿئي ته عدالت جائزو وٺڻ لاءِ بااختيار آهي ۽ پنهنجي اختيارن جي سوديبازي نه ڪندي.

فروغ نسيم دليل جاري رکندي چيو ته تشدد کانسواءِ حاصل مواد قبول ڪرڻ جوڳا دستاويز آهن، برطانيا ۾ به جاسوسي ۽ لِڪي تصوير ٺاهڻ کي قبولڻ جوڳيون شاهديون قرار ڏنو ويو.

جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته توهان چئي رهيا آهيو منهنجي جاسوسي ٿي سگهي ٿي، مان گالف ڪلب ويندو آهيان، ڇا منهنجي تصوير ڪڍي ويندي آهي، اهو ته ائين ٿيندو، جيئن جمهوريت کان فاشزم ڏانهن وڌيو وڃي.

فروغ نسيم جواب ڏنو ته مان فاشزم جي ڳالهه نه پيو ڪيان، ڳالهه شاهديون گڏ ڪرڻ جي ٿي رهي آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو اهو ڪو ناهي چوندو ته جج جوابده ناهي، جج چاهيندو آهي منهنجي پرائيويسي به هجي ۽ منهنجي عزت جو خيال به رکيو وڃي.

جسٽس مقبول باقر چيو ته ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي تباهي پيدا ٿي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ملڪ ۾ جاري احتساب تي به ڪڏهن ڪو فيصلو لکون، ضياءُ المصطفيٰ نالي شخص وٽ اختيار نه هو ته نجي جاسوس جون خدمتون حاصل ڪري، مقصد ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جج کي سامهون آڻڻ هو، سموري ڪارروائي کانپوءِ ڊوگر کي آڻي بيهاريو ويو، مان پنهنجا تفصيل آرام سان نٿو وٺي سگهان ته هڪ جج جا تفصيل وحيد ڊوگر وٽ ڪيئن آيا.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته انجنيئرنگ جا الزام لڳندا آهن، مون کي افسوس آهي ته ان ۾ اسان جي اداري کي استعمال ڪيو ويو آهي.

وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري ويڊيو لنڪ تي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو مون لاءِ اهو وڏو ڏکيو وقت هو، منهنجو پيءُ آخري پساهن ۾ آهي، منهنجي شادي 25 ڊسمبر 1980 ۾ ٿي.

هن پنهنجو برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ پراڻو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريندي چيو ته منهنجو نالو سرينا، 1983 ۾ مون کي خبر نه هئي ته لنڊن ۾ ملڪيت خريد ڪنديس، شادي جي 21 ورهين کانپوءِ مان لنڊن ۾ ملڪيت خريد ڪئي، منهنجو ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ 2003 ۾ ٺهيو، تڏهن منهنجو مڙس جج نه هو، منهنجي ويزا ختم ٿي ته نئين ويزا لاءِ اپلاءِ ڪري ڇڏيو، جڏهن ٻي ويزا جاري ٿي ته هو سپريم ڪورٽ جو جج نه هو، جنوري 2020 ۾ مون کي رڳو هڪ سال جي ويزا جاري ٿي، اها ويزا جاري ڪرڻ کان اڳ هراسان ڪيو ويو، هراسان ڪرڻ لاءِ گهٽ مدي جي ويزا جاري ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here