مھانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو

0
258

وڳــــــــــڻ رپــــورٽ: حسن علي مغيري

غريب ماڻھو سخت پريشان حڪومت وقت به پنهنجي اکين مٿان ڪاري پٽي ٻڌي ڇڏيو

تفصيل موجب سڄي ملڪ جئيان وڳڻ شھر جي اندر به مهنگائي غريب ماڻھون جي چھري تان مرڪ کسي ورتي ڏيهاڙي دار مزدور ۽ هاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آھن تبديلي سرڪار جي اچڻ کان پو۽ ملڪ م وڌندڙ مهنگائي ڪنٽرول ۾ ئي ڪون پيو اچي هر روز عام وهپي جي شئين جا اڳھ وڌي رهيا آھن جيڪي غريب ماڻھو خريد به ڪون ٿا ڪري سگهن۔

ان موقعي تي امداد علي مغيري، معشوق علي مغيري، ممتاز وڳڻ، منور علي پنهور، يونس وڳڻ ۽ ٻئين چيو ته اسان جا حڪمران صرف ڪرپشن ڪرڻ جي سوچي رهيا آھن باقي ملڪ جي اندر جيڪا مهنگائي هلي پيو انه تي ڪنٽرول به نٿا ڪري سگهن نااهل حڪمران اقتدار ۾ اچي ويٺا آھن جن کي سسٽم هلائڻ جي ڪابه ڄاڻ ناهي ۽ ملڪ کي هن وقت تمام گهڻي نقصان رسائڻ جي طرف وٺي وڃي رهيا آھن۔

اسان وٽ ڪڏھن ٽماٽو نياب ٿي ٿو ته ڪڏھن کنڊ، ڪڏھن اٽو ته ڪڏھن پيٽرول ۽ هاڻي ته وري فارمي مرغي جا ريٽ به وڃي آسمان تي پهتا آھن فارمي مرغي جو گوشت جيڪو پهريان 150 روپيا ڪلو وڪرو ٿيندو هيو تہ هاڻي وڃي 450 روپيا تي وڃي پهتو آھي۔

غريب ڏهاڙي وارا ماڻھو جيڪي سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري 500 روپيا ڪمائن ٿا ته اهئي ڪئين پنهنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ جي لا۽ مرغي خريد ڪري سگهندا انهن جو 500 روپين ۾ ڪئين گذر صفر ٿيندو حڪومت عوام کي مهنگائي جو طعفو پيش ڪيو آھي۔

هن مهنگائي تي ماڻھون خدڪشيون ڪرڻ کان علاوع ٻيو ڇا ڪندا تبديلي سرڪار کي گهرجي ته هو وڌندڙ مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري ريٽ لسٽ لڳرائي عام وهپي جي شئين جا اڳھ گهٽ ڪيا وڃن تہ جئين غريب ۽ مسڪين ماڻھو کاڌي پيتي جون شيون مناسب ريٽ تي خريد ڪري پهنجو پيٽ پالي سگهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here