هالا پوليس خلاف ڀاڻوجا برادريءَ پاران احتجاجي مظاهرو

0
186

سڪرنڊ رپورٽ: مشتاق سولنگي

ڏيڍ مهينو اڳ مهراڻ ڪالوني سڪرنڊ جي رهواسي محمد اشرف ڀاڻوجو تي هالا پوليس پاران گرفتار ڪري سخت تشدد ڪرڻ خلاف ڀاڻوجا برادريءَ پاران قاضي سرفراز ميمڻ صحافي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي متاثر محمد اشرف ڀاڻوجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ هالا پوليس مونکي پنهنجي گهران بنا سبب گرفتار ڪري هالا ٿاڻي تي کڻي وئي هئي ، جيئن ته منهنجي خلاف ڪابه شڪايت يا ڪيس داخل ٿيل نه آهي ، ايس ايڇ او ٺارو خان ڀٽي مون تي سخت تشدد ڪري مونکي معذور ڪري ڇڏيو آهي هن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين اعلٰى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته آئون پوليس تشدد سبب معذور بنجي ويو آهيان جنهنڪري پنهنجا ٻچا به پالي نٿو سگهان ، مون سان انصاف ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ آئون پنهنجو پاڻ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيندس۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here