مثالي استاد عبدالله تنيو پنهنجي شاندار تعليمي ڪيريئر جا 33 ورهيه مڪمل ڪري رٽائر

0
262

استاد جي عظمت کي سلام، وڳڻ ۾ تعليمي خدمتگار استاد عبدالله جي مان ۾ تقريب، پ پ ايم پي اي ۽ ٻين جي شرڪت

ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي اسڪول ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ رٽائرمينٽ تي استاد عبدالله تنيو جي خدمتن کر ڀيٽا پيش

استاد عبدالله تنيو پنهنجي ذات ۾ درسگاهه آھي، مختلف شعبن ۾ سندس شاگرد خدمتون سرانجام ڏين پيا: مقرر

هڪ آدرش استاد معاشري جو محسن هوندو آھي، ڀيٽا پيش ڪرڻ واري روايت هاڪاري عمل آھي: برهان چانڊيو، ظفر ابڙو ۽ ٻيا

وڳڻ (نمائندو) مثالي استاد مانواري سائيم عبدالله تنيو پنهنجي شاندار تعليمي ڪيريئر جا 33 ورهيه مڪمل ڪري رٽائر ٿي ويو، ان موقعي تي ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي پرائمري اسڪول جي انتظاميا، اولڊ اسٽوڊنٽ يونين ۽ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ تقريب منعقد ڪري خدمتن تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب دوران استاد محترم عبدالله تنيو کي گلن جا هار، اجرڪ ۽ ٽوپي پهرائي مڃتا شيلڊ پڻ ڏني وئي۔

ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو، سردار الطاف حسين تنيو، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، مجيب الرحمان تنيو، مولانا گل محمد انقلابي، ڪليم الله تنيو،رياض الدين ابڙو، عبدالهادي چولياڻي، استاد ديدار حسين تنيو، علي اصغر تنيو ۽ ٻين استاد عبدالله تنيو کي معاشري جو محسن ۽ مثالي استاد قرار ڏيندي سندس خدمتن جي زبردست ساراهه ڪئي۔

هنن چيو ته مانواري استاد عبدالله تنيو پنهنجي سموري پروفيشنل ڪيريئر دوران بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هزارين شاگرد پيدا ڪيا جيڪي اڄ زندگيء جي اهم ترين شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آھن. هنن چيو ته استاد عبدالله تنيو پنهنجي پروفيشن سان سچو رهيو، جنهن جو ثبوت سندس مان ۾ مانائتي تقريب منعقد ڪرڻ آھي۔ مقررن چيو ته سائين عبدالله تنيو جن جي اڻٿڪ محنتن سبب نه رڳو سندس ڳوٺ پر سموري علائقي ۾ سوين علم جا ڏيئا ۽ ڏياٽيون روشن ڪيون آھن۔

مقررن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مثالي استاد عبدالله تنيو جون تعليم جي واڌاري لاء ڪيل خدمتون سونهري باب طور هميشه لاء قلمبند رهنديون تقريب جي پڄاڻيء تي استاد عبدالله تنيو تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي آيل سمورن مهمانن ۽ علائقي واسين جا ٿورا مڃيا۔ ان کان اڳ استاد عبدالله تنيو کي اجرڪ، ٽوپي ۽ گلن جا هار پهرائي مڃتا شيلڊ پڻ ڏني وئي، جڏھن آيل معزز مهمانن کي پڻ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا۔

تقريب ۾ ميان الله داد جتوئي، برادر عبدالفتاح تنيو، سرائي گل محمد تنيو، ميان علي گوهر تنيو، سب انسپيڪٽر اسدالله تنيو، سينيئر صحافي جاويد سومرو، رضا علي مهيسر، ابرار حسين تنيو، بخشل خاصخيلي، سرتاج تنيو، عبدالوهاب تنيو، محمد عرس شيخ،عبدالمجيد تنيو، مشتاق سولنگي، حافظ عمران تنيو ۽ ٻين ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته مختصر تقريب دوران ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويو، ان کان اڳ قاري سلطان احمد شيخ جن تلاوت ڪئي، جڏهن ته ڪمپيئرنگ جا فرض محمد عثمان مغيري سرانجام ڏنا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here