پيرسن پورهيت پاران معصوم ٻارڙن سميت پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج

0
222

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ پيرسن پورهيت پاران معصوم ٻارڙن سميت پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج، تفصيل موجب، تقريبن اڍائي مهينا اڳ نوجوان سجاد چنو کي کي رياستي ادارن ڪوٽڙي مان گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هيو۔

ان سلسلي پورهيت گل محمد چنو کمنڀي گم ڪيل نوجوان جا ٽي معصوم ٻار ساڻ لعلورائنڪ پريس ڪلب اڳيان اچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي. ۽ انهن سان گڏ سوشل ورڪر ارڏو اترادي پڻ احتجاج ۾ حصو ورتو۔

ان دوران پيرسن گل محمد چنو چيو ته اڍائي مهينن کان وٺي منهنجي پٽ کي رينجرز وارن گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي۔ جنهن جو ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو. جڏهن ته منهنجي پٽ جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي رهيو تڏهن به رينجرز جبرن منهنجي پٽ کي اڍائي مهينن کان وٺي گم ڪري ڇڏيو آهي۔

جيڪڏهن منهنجي پٽ تي ڪو ڪيس آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪن ان خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي. پر ائين زبردستي بنا ڪنهن ڏوھ جي کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، هنن وزير اعلا سنڌ کان مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ سجاد کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here