قمبر شهدادڪوٽ ۾ 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

0
150

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

سڄي ملڪ جيان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ لاءِ يوم سياه طور جوش جذبي سان ملهايو ويو انهي تحت ضلعي انتظاميا، مختلف سياسي سماجي تنظيمن ،شهرين ، مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن، استادن ۽اسڪولي ٻارڙن پاران وڏي تعداد ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظھار يڪجهتي لاءِ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول قمبر کان وايا ڀٽو چوڪ کان ٿيندي شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي۔

تفصيل موجب آڄ ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-ون عامر علي پنھور جي سربراهي هيٺ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول قمبر کان وايا ڀٽو چوڪ پريس ڪلب قمبر تائين ريلي ڪڍي وئي۔

ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪشمير ٿيندو پاڪستان ، پاڪستان زندھ آباد ، پاڪ فوج زنده آباد ۽ ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا هنيا ويا ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير جو جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. ريلي کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون عامر علي پنھنور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسين پوري دنيا کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشمير پاڪستان جو اٽوٽ حصو آهي جيڪو انشاء ﷲ جلد از جلد حاصل ڪري وٺندا سين مودي کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آهي جيڪو پاڪستان جو ٿي رهندو۔

اسين ڪشميرن جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڪشميري عوام ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت دنيا ۾ رياستي دهشتگردي ڪري پيو جيڪو قابل مذمت آهي۔

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مودي هڪ ظالم آهي جيڪو ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آھي اسان پوري قوم ڀارت کي پنهنجي مقصد ۾ هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين .ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين، انفارميشن، صحافين،پوليس رينجرس، سول سوسائٽي ،ضلعي اين. جي. اوز، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here