ڏوڪري ۾ چوٿين ڏينھن به او پي ڊي بند، ملازمن جو احتجاج

0
146

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ چوٿين ڏينھن به او پي ڊي بند، ملازمن جو احتجاج جاري رکيو، مريضن پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل تعلقي صدر نادر جوڻيجو، ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو، ڊاڪٽر امتياز کوکر، ضمير جتوئي، اياز منگي، ڊاڪٽر هريش ڪمار، برڪت پتافي، برڪت منگي، غلام مصطفي ٿهيم، حافظ سرور جوڻيجو، نور محمد بليدي، نثار ٽاٽڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي جا ملازم هروقت رسڪ ۾ آهن سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ملازمن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، اسٽريڪچر هيلٿ ۾ پروفشنل الائونس سميت سمورا مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here