PAB پاڪستان ايسوسيئيشن آف بلائيڊ طرفان هڪ تحفظ سفيد ڇڙي جي عنوان هيٺ سيمنار

0
210

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر- انٽرنيشنل وائيٽ ڪين سيفٽي ڊي جي حوالي سان PAB پاڪستان ايسوسيئيشن آف بلائيڊ طرفان هڪ تحفظ سفيد ڇڙي جي عنوان هيٺ سيمنار ايم خان شادي ھال ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر ريجن ڪاشف علي گوندل ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي ريجنل ڊاريڪٽر PAB عبدالرزاق عباسي پي ٽي آئي جي ضلعي اڳواڻ ناهيد کهاوڙ ڊفرنٽ ابيل پرسن جي صدر محمد علي پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري آفتاب مغيري خطاب ڪيو۔

ان موقعي تي PAB جي اڳوڻن چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ بلائيڊ پرسن لاءِ ڪو به اسڪول يا هنر سکيا جو مرڪز ڪو نه آهي گڏوگڏ جيڪي بلائيڊ پرسن پڙهيل لکيل آهن سي بيروزگار آهن ڊس ابيل ڪوٽا تي کين نوڪريون ڏئي ڪري سندس مستقبل بهتر بڻايو وڃي ان موقعي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب ڪاشف گوندل چيو ته ڪرپشن فري پاڪستان نيب جو ويزن آهي ۽ هنن جو ادارو پنهنجي وس آهر بلائيڊ پرسن جي قانون موجب مدد فراهم ڪندو۔

تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي چيو ته هو هر ممڪنا مدد ڪندو بلائيڊ پرسن جي مئسلي جي حل لاءِ هو سرڪاري پلاٽ لاءِ سي ايم سنڌ کي گذارش ڪندو ته کين پلاٽ الاٽ ڪرائي ڪميونٽي سينٽر سميت بلائيڊ اسڪول کولي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here