ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 119 هين سالگرهه

0
236

ڏوڪري

ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ ڪانوَ پور ۾ ھاري ڪاميٽيء ضلعي لاڙڪاڻي پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 119 سالگره ۽ ھاري ڪانفرنس ڪوٽائي وئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 119هين سالگرهه ۽ هاري ڪانفرنس ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل مير منور ٽالپر، ڪامريڊ ڌامرو مل، ڪميونسٽ آف پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڪامريڊ گلاب پيرزادو ساس ڏوڪري جي حاڪم منگي ساس جي اقرار پيرزادي ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي عظمت کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن ان دور جي ڪليڪٽر جي نوڪري ڇڏي هارين مزدورن پورهيتن حقن جي لاءِ آواز اٿاريو ۽ انهن جا حق حاصل ڪري ڏيکاريا اهڙا انسان پيدا ٿيڻ مشڪل اهن۔

هنن وڌيڪ چيو ته حيدر بخش جتوئي ظلم سان مهاڏو اٽڪائي انسان ذات کي هڪ نئين سوچ ڏني وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام کي ٿڏي ڇڏيو، هنن چيو ته پ پ چند وڏيري ٽولي جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي آهي۔ سنڌ جي وفاق حوالي ڪيل ٻيٽن ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ رهي ان کان اڳ سالگرهه تقريب ۽ هاري ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 119 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here