مٺي
مٺي ويجهو ڳوٺ ڀاڏارو اسٽاپ تي ٿيل واقعي ۾ ملوٽ ڄاڻايل جوابدارن ۽ ڊرائيور جا بيان سامهون اچي ويا، جنهن ۾ قتل ڄاڻايل دودو ڀيل جو قتل نه پر ايڪسيڊيٽ سبب موت ٿيو آھي۔ جڏھن ته ٻئي پاسي بي آء ايف اڳواڻ ۽ مقتول جا مائٽ قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس مٿان دٻاءُ وجهرائي رهيا آھن ته انهي جو قتل ڪيس داخل ڪرايو وڃي. خبر موجب ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ ڀاڏارو وٽ هڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ دودو ڀيل فوت ٿي ويو هو۔ انهي واقعي ۾ گرفتار ٿيل جاويد بجير ۽ رضاالله بجير کي گرفتار ڪيو ويو هو انهن جو چوڻ آھي ته دودو ڀيل پنچر جو ڪم ڪندو آھي اسان به اتي موٽرسائيڪل ٺھرائڻ لاءِ وياسين ته ان وقت دودو ڀيل چيو ته موٽر سائيڪل ڏيو ته آئون ٻني تان چڪر لڳائي واپس جلدي موٽي اچان ٿو اسان منع ڪئيسن پر هن جي وڌيڪ اسرار ڪرڻ تي اسان موٽرسائيڪل ڏني، هن جي پيرن ۾ جتي به پاتل نه هئي جيئن ئي اتان روانو ٿيو ته اڳيان گاڏيون سامهون اچي ويون هڪ گاڏي کان بچائي ٻي گاڏي ۾ لڳو ۽ اتي ئي جاءَ تي فوت ٿي ويو۔
ٻئي طرف گاڏي جي ڊرائيور عبدالرحمان هنگورجو جو چوڻ آھي ته اهو ايڪسيڊينٽ منهنجي گاڏي سان ٽڪرائجي ٿيو آھي ڇو تو موٽر سائيڪل وارو مون کان اڳيان ايندل گاڏي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هو ۽ سڌو اچي منهنجي گاڏي سان ٽڪرايو ۽ ايڪسيڊينٽ ٿي پيو منهنجي گاڏي ماڻھن سان ڀري پئي هئي سڀني ماڻھن ڏٺو پر مون ڊپ سبب گاڏي نه روڪي ۽ مٺي طرف نڪري آيس. ٻئي طرف حادثو ٿيندي ئي انهي واقعي کي قتل جو رنگ ڏنو ويو ۽ لاش ڪشمير چوڪ تي رکي احتجاج ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي بي آءِ ايف جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا، ڌرڻي کي صوبائي وزير سردار شاه ۽ ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي جي يقين ڌياني بعد ختم ڪيو ويو، جيڪڏھن قتل ٿيو آھي ته اڄ ڏينهن تائين بي آءِ ايف پاران ان قتل جا ڪارڻ ڇو نه ظاهر ڪيا ويا آھن ته اهو قتل ڪهڙي دشمني سبب ٿيو آھي باقي قاتلن جا نالا به هنن پوليس کي ٻڌايا آھن ڇا انهن جي دودو ڀيل سان ڪا دشمني هئي؟؟ انهن سوالن جا جواب نه ملي سگهيا آھن۔ پوليس جو پهرين ڏينهن کان ئي اهو موقف آھي ته اهو قتل نه پر هڪ حادثو آھي پر بي آءِ ايف اڳواڻ پوليس تي احتجاجن ۽ ٻين پاسن کان دٻاءُ وجهرائي رهيا آھن ته هن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر سبب پوليس ڪيس ڪا ٺوس ثابتي کانسواءِ ڪيئن قتل جو ڪيس داخل ڪري سگهي ٿي۔