وارهه : رپورٽ مظفر قاضي
سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اڄ وارهه ۾ ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ منان، رفيع لغاري، توفيق ڪانڌڙي، علي گوهر جتوئي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارهه پريس ۽ عوامي پريس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سڄي سنڌ ۾ تازين برساتن ۾ جيڪو ماڻهن جو نقصان ٿيو آھي انهن کي رليف ملڻ گهرجي، ماڻهن جي مالي نقصان جو ازالو ٿيڻ کپي، ٻڏي به سنڌ ۽ وري سڪي به سنڌ واري ڪرت بار بار هلڻ نه گهرجي۔
اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته بلوچستان مان آيل برساتي پاڻي کي حمل ڍنڍ ۾ ڇڏڻ بدران سم نالي ۾ ڇڏڻ سان جاگير واري علائقي جا ڪيئي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آهي، تنهن ڪري ان سموري پاڻي ۽ هٿرادو بند ڪيل پاڻي کي حمل ڍنڍ جي خالي ٿي ويل پيٽ ۾ ڇڏيو وڃي جنهن جو سالن کان پاڻي هٿرادو طور بند آ، حمل ڍنڍ ۾ پاڻي پوڻ سان ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي به ويندا ۽ فطرتي سونهن سان سرشار حمل ڍنڍ جي پراڻي سونهن نکري ۽ بحال ٿي ويندي، پاڻي جي عالمي قانون تحت ندين، ڍنڍن، ڍورن جو هٿرادو طور پاڻي بند ڪرڻ جرم آهي، جنهن جي سزا به آهي، الميو اهو آهي ته هتي قانون جي رٽ فقط عام ماڻهو تي آ لاڳو ٿيندي، باقي اصل ڏوهاري ازل کان آجا ئي رهندا آيا آهن۔