ڏوڪري: پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن قاضي جميل احمد جوڻيجو، سردار علي ڏنو خان گاڏهي ۽ ٻين پاران شهرين کي ڪرونا جهڙي وبا کان بچڻ لاءِ ماسڪ ورهايا۔ تفصيل موجب ڏوڪري ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ اڳواڻ قاضي جميل احمد جوڻيجو، ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، حافظ رجب سولنگي، ايڊووڪيٽ قاضي ديدار احمد، ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، شهمير علي ميراڻي، وڏيرو شمن خان جوڻيجو، غلام رسول ڍڪڻ، نياز حسين سوهو، منظور کوکر، فقير محمد سومرو، انيل ڪمار گيانچنداڻي، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شهرين کي ڪرونا جهڙي وبا کان بچڻ لاءِ ماسڪ ورهايا ويا۔
ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيازي جي حڪومت ڀارتي جاسوسن کي سهولتون ڪهڙي قانون تحت فراهم ڪري رهي آهي۔ هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زرداري کي طالبان احسان ﷲ احسان ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔
هنن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هلندي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي۔ هنن چيو ته نيازي حڪومت ۾ ملڪ بحرانن جي ور چڙهي ويو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي۔