لعلورائنڪ (رپورٽر روشن علي مغيري)
لعلورائنڪ ۾ ھڪ عظيم الشان جلسو ذڪر شھداء ڪربلا منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ، مشهور نعت خوانن قصيده پڙهي خوب داد وصول ڪيو. تفصيل موجب لعلورائنڪ ۾ تنظيم اصلاح الفقراء حسينيه نقشبنديه اھلسنت والجماعت يونٽ لعلورائنڪ جي طرفان هر سال جيئان هن سال به هڪ عظيم الشان جلسو ذڪر شھداء ڪربلا منعقد ڪيو ويو جنھن جي صدارت سيد غلام ياسين شاه بخاري جن ڪئي جڏھن ته ھن جلسي ۾ خصوصي خطاب حضرت علامه قاري غلام اڪبر سھڙو صاحب علامه ومولانا سيد سجاد حسين جن ڪيو. جلسي ۾ لعلورائنڪ ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔
پروگرام جو آغاز ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو. جنهن کان بعد ٽي وي جي مشهور نعت خوانن بيدار بخشل چانڊيو، فقير محرم کوسو ۽ ارشد تونيو جن نعت ۽ قصيده پڙهي ڪربلا جي ياد تازي ڪري ڇڏي. انکان بعد تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو ان موقعي تي قاري غلام اڪبر سهڙو جن خطاب ۾ چيو ته سيدالشھداء مولا حسين عليه السلام حضرت عباس علمدار سندن خاندان ۽ جانثارن پنهنجي جانين جان نظرانه ڏئي اسلام کي زنده رکيو حسين عليه سلام دين جي بقا ۽ شريعت جي سلامتي لاء پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿين جي جان جي قرباني ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ناني حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن جو دين بچائي ورتو . ڪربلا جي ميدان ۾ به امام حسين عليه السلام صبر جو دامن نه ڇڏيو ۽ تيرن، تلورن جي ڇانو ۾ نماز قائم ڪري ڏيکاري. ان دوران علمائ ڪرام چيو ته اسين جس ٿا ڏيون حافظ امتياز جوڻيجو، محمد مور پيچوهو ۽ حافظ صوفي صوبدار پتوجو جن کي جن اهڙو عظيم شان جلسو منعقد ڪيو. جلسي جي آخر ۾ مرحوم عاشق رسول استاد الحفاظ حافظ محمد ايوب جوڻيجو ۽ مرحوم عاشق رسول ڀوتار نثار احمد پيچوھو جن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر دعا گهري وئي. صلات وسلام پيش ڪيو ويو۔