پاڻي جي شديد کوٽ خلاف جي ڊي اي، پي ٽي آئي، جميعت علماء اسلام، پ پ شھيد ڀٽو هارين، آبادگارن، سياسي سماجي تنظيمن طرفان بينر ۽ جهنڊا هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو

0
169

قمبر:(رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آبپاشي کاتي جي غير فعاليت ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب قمبر ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف جي ڊي اي، پي ٽي آئي، جميعت علماء اسلام، پ پ شھيد ڀٽو هارين ،آبادگارن ،سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان بينر ۽ جهنڊا هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سردار محمد علي خان هڪڙو، مير مظفر بروهي، غيبي خان مغيري ،محمد جان بروھي ،شوڪت چانڊيو ،اياز ٻرڙو ۽ ٻين چيو تہ اسين ٽن مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سنڌ جا چونڊيل نمائندا ۽ آبپاشي وزير توڙي عملو دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن تہ اسين جون مهيني ۾ سارين جو ٻيجارو پوکي وري جولائي مهيني ۾ رونبو ڪندا هئاسين پر هيئر جولائي مهينو ختم ٿي رهيو آهي پر اسين سارين جا ٻج پوکي ناهيون سگهيا ۽ جتي ٻج پوکيل آهن اتي پاڻي نہ اچڻ سبب تيار سارين جو ٻيجارو سڙي رهيو آهي، سنڌ سرڪار اسان هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهي آهي اڄ هر طرف کان هارين ۽ آبادگارن هڪ آواز اچي رهيو آهي تہ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جون صدائون لڳي رهيون آهن پر ڪنهن بہ غريب ۾ مسڪين هارين جي پرواھ ناهي، هنن چيو تہ جيسيتائين زرعي پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ رينجرس کي مقرر نہ ڪيو ويندو اسان جو احتجاج جاري رهندو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اچي هارين ۽ آبادگارن جي اڳواڻن سان ملي يقين ڏياريو تہ انشاءﷲ ٻن ڏينهن تائين پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو ۽ ان وقت ڊپٽي ڪمشنر رينجرس کي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ ليٽر پڻ لکي موڪليو جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here