قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

0
152
kamber water protest

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پ پ ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ، لياقت علي گوپانگ، ڊاڪٽر اقبال يوسف بروهي مجيب الرحمن ۽ پ پ ايم اين اي مير عامر خان مگسي جو پٽ مير زرين خان مگسي، ضلعي جا هاري آبادگار پ پ ڪارڪنن وڏي انگ ۽ قمبر ڀٽو چونڪ تي پهچي پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو۔

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زرعي زمينون بنجر ٿي ويون آهن وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي هاري آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي 91ع ٺاھ تحت پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ ٿي وئي آهي پاڻي اسان جو جياپو آهي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن به داڙو هڻڻ نه ڏيندا سين پاڻي نه ڏنو ويو ته هر محاذ تي حق وٺڻ لاءِ ويندا سين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here